ايل وي پرانجپي

ايل وي پرانجپي : شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي استاد ۽ سنڌي ٻوليءَ جي لغت جي هڪ گمنام لغت نويس، ايل. وي. پرانجپي جو پورو نالو لڪشمڻ وشنو پرانجپي هو. جڏهن انگريز حڪومت سنڌ ۾ تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ اسڪول کوليا، تڏهن کين سکيا ورتل استادن جي گهڻي کوٽ محسوس ٿي. جنهنڪري هنن هندستان جي مختلف رياستن مان سکيا ورتل استاد گهرايا، جيڪي مقامي ٻوليءَ سان گڏ انگريزي ٻوليءَ جا به ماهر هئا. اهي استاد گهڻو ڪري مهاراشٽر رياست جا رهواسي هئا، جن مان هڪ ايل. وي. پرانجپي هو.
ايل. وي پرانجپي 1855ع ۾ حيدرآباد جي ائنگلو ورنيڪيولر اسڪول جو هيڊ ماستر مقرر ٿيو. هن جي دور ۾ اسڪول تمام گهڻي ترقي ڪئي. هي مرزا قليچ بيگ جو به استاد هو. 1865ع ۾ سنڌ جي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو ته: ”حيدرآباد ائنگلو ورنيڪيولر اسڪول جي ٻارن جي امتحان ثابت ڪيو آهي ته هن اسڪول، ڪراچي ائنگلو ورنيڪيولر اسڪول کان گهڻي ترقي ڪئي آهي ۽ انهيءَ ترقيءَ جو سهرو اسڪول جي هيڊ ماستر ايل. وي. پرانجپي جي سر تي سونهي.“ ايل. وي.پرانجپي گهڻو عرصو سنڌ ۾ رهيو ۽ سنڌي ٻوليءَ جو خاص امتحان پڻ پاس ڪيو. سنڌي ٻوليءَ سان رغبت هجڻ ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ مهارت حاصل ڪري، هن سنڌي ٻوليءَ جا درسي ڪتاب تيار ڪيا. انهن سڀني ڪتابن مان هن انگريزي- سنڌي لغت (English and Sindhi Dictionary) وڏن ڪلاسن جي ٻارن لاءِ تيار ڪئي، جيڪا 1868ع ۾ بمبئيءَ مان تعليم کاتي شايع ڪئي. هن لغتجو ذڪر ڪندي، ان دور جي سنڌ جي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر 1869ع ۾ لکيو آهي ته: ”هڪ انگريزي سنڌي لغت، جيڪا مسٽر لڪشمڻ وشنو، هيڊ ماستر ائنگلو ورنيڪيولر حيدرآباد جوڙي آهي. اها ورنيڪيولر اسڪول ۽ هاءِ اسڪول جي شاگردن لاءِ انتهائي مفيد آهي.“ هن لغت جون ڪاپيون برٽش لئبرري، آڪسفورڊ يونيورسٽي لئبرري ۽ آسٽريليا جي نيشنل لائبرري ۾ موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو